صديقي امير حسن

صديقي، امير حسن، ڊاڪٽر: ناميارو تعليمي ماهر، محقق ۽ ليکڪ، امير حسن صديقي 18 آگسٽ 1901ع ۾ بدايون (يوپي) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو چوڌري صادق علي هو. امير حسن صديقي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ساڳئي يونيورسٽيءَ پاران ڏنل تعليمي وظيفي تي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو. جتي هن 1933ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو موضوع هو ‘بادشاهت اور خلافت عهد وسطيٰ ايران ۾’ 1935ع ۾ لنڊن کان واپس وطن وريو ۽ 1943ع تائين مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ تاريخ جي شعبي سان منسلڪ رهيو. سندس ذاتي ڪوششن سان ‘اسلام '>تاريخ اسلام ’ کي اختياري مضمون تحت پهريان انٽر ۽ پوءِ بِي. اي جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ورهاڱي کانپوءِ خاندان سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ ‘سنڌ مسلم ڪاليج’ ۾ پرنسپال جي عهدي تي مقرر ٿيو. اسلاميه ڪاليج جي قيام کان پوءِ ڪاليج جي پهرين پرنسپال طور مقرر ٿيو. ان کان سواءِ ‘وائس آف اسلام’ ۾ بطور ايديٽر ڪم ڪيائين. جمعيت الفلاح ڪراچيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس لکيل ڪتابن ۾: (1) Studies in Islamic History، (2) Cultural Centers of Islam، (3) The Origin and Development of Muslim Constitution ڇپيل آهن. هن 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.08.18  عيسوي

امير حسن صديقي 18 آگسٽ 1901ع ۾ بدايون (يوپي) ۾ پيدا ٿيو.


1971.12.16  عيسوي

امير حسن صديقي 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪلال
سترام داس سائل
چيٽو مل
سيٺ ٺاڪرداس گولومل
ڄام نظام الدين جو مقبرو
شنبو امير
حسين علي حسين مرزا
رسول بخش خان گبول
جواهر لعل نهرو
عبدالجبار عبد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون